سيد فدا حسين شاهه

سيد فدا حسين شاهه

سيد فدا حسين شاهه

سيد فدا حسين شاهه: شوبز جي نامور شخص سيد فدا حسين ولد گل حسن شاهه جو جنم 30 سيپٽمبر 1965ع تي مٽياريءَ ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان سندس رجحان فلمون ڏسڻ ۽ انهن بابت معلومات گڏ ڪرڻ رهيو، ان معلومات جي آڌار تي هن شوبز تي لکڻ کي پيشي (Profession) طور اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي صحافت جي ترقيءَ لاءِ سنڌي اخبارن جي اجراء جو رجحان وڌڻ سبب سنڌيءَ ۾ شوبز (ٽي. وي ۽ فلمي دنيا) تي لکڻ جو رواج پيو. ان حوالي سان فدا حسين شوبز بابت لکڻين سان عملي طور صحافتي ڪم جو آغاز ڪيو. سيد فدا حسين شاهه سنڌيءَ ۾ شوبز تي لکندڙ اوائلي صحافيءَ جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هن پنهنجي علمي زندگيءَ جو آغاز عبرت اخبار ۽ رسالي ۾ لکڻ سان ڪيو، بعد ۾ مشهور سنڌي رسالي ’سهڻي‘ ۽ ڪجهه عرصو ڪاوش گروپ سان واڳيل رهيو. طارق اشرف جي رسالي سهڻيءَ ۾ لکڻ دوران ڀارت جي فلم ڊائريڪٽر يش چوپڙا کيس خط لکيو، جنهن جو عڪس سهڻي رسالي ۾ ڇپيو. عبرت مئگزين ۾ سندس ڪالم ’بمبئي انڪوائري‘ کي ڏاڍي شهرت ملي، ان سان گڏ سيد فدا حسين شاهه، اردو رسالي ’اخبارِ جهان‘ ۾ به ’بمبئي ڪي فلمي سرگوشيان‘ جي نالي سان ڪافي وقت لکيو. ان کان سواءِ ڪيترن اردو، انگريزي مخزنن: وومينس ورلڊ، فاصله، رابطه ۽ جنگ ۾ فدا حسين شاهه فيشن نقاد جي حيثيت سان سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرو فيشن تي لکيو آهي. سنڌي ڀرت ۽ سنڌي فيشن کي نمايان ڪرڻ سان گڏ هن سموري دنيا جي فيشن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي. بي. بي. سي ۽ سي. اين. اين کان سواءِ انٽرنيشنل شوبز ۽ فيشن ويب سائيٽن تي پڻ لکندو رهي ٿو. کيس فلمي ۽ فيشن انسائيڪلوپيڊيا سمجهيو وڃي ٿو. ڊانس تي مهارت رکندڙ سيد فدا حسين شاهه، شاعريءَ کانسواءِ ٽي. وي ٽاڪ شوز ۽ ريڊيو تي به موسيقي، فيشن ۽ شوبز جا پروگرام ڪندو رهي ٿو، جڏهن ته سماجي تنظيمن ۾ انساني حقن تي ليڪچر به ڏئي ٿو.


لفظ سيد فدا حسين شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.09.30  عيسوي

شوبز جي نامور شخص سيد فدا حسين ولد گل حسن شاهه جو جنم 30 سيپٽمبر 1965ع تي مٽياريءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاويد قاضي
پروفيسر هاسانند جادوگر
پرتاب هرگنداس ڌنواڻي جادوگر نماڻو
آئن اسٽائن البرٽ
عاشق حسين پاٽولي استاد
آذر زوبي
وفا اسلم شيخ
صلاح الدين ايوبي
ڀڳوان لالواڻي
صبيحه مغل ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون